ڪنگنا ڀارت جي نئين نسل کي ’گٽر جنريشن‘ قرار ڏئي ڇڏيو

ڪنگنا ڀارت جي نئين نسل کي ’گٽر جنريشن‘ قرار ڏئي ڇڏيو

نئين دهلي (مانيٽرنگ ڊيسڪ): بالي ووڊ جي تڪراري اداڪاره ۽ بي جي پي جي اسيمبلي ميمبر ڪنگنا رناووٽ ڀارت جي نئين نسل (Gen Z) کي ”گٽر جنريشن“ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. دهلي ۾ پيپر ليڪ معاملي تي شاگرد تنظيم جي سخت احتجاج ۽ پوليس لاٺي چارج واري واقعي تي ردعمل ڏيندي ڪنگنا چيو ته هن ڪڏهن به هڪ جڳهه تي ايتري بدصورتي ناهي ڏٺي. هن نوجوانن جي زبان ۽ ريلز تي تنقيد ڪندي چيو ته اهي پڙهائي ۾ به ناڪام آهن ۽ گهر سنڀالڻ جي لائق به ناهن، جنهن بعد کيس يوٽيوب ۽ سوشل ميڊيا کان دوري (ڊيجيٽل ڊيٽوڪس) جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو