پي ايڇ ڊي اسڪالر قبائلي دشمني جو کاڄ بڻجي ويو

پي ايڇ ڊي اسڪالر قبائلي دشمني جو کاڄ بڻجي ويو

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ غالب بلوچ) ڪنڌڪوٽ ويجهو شالو واري علائقي ۾ پراڻي دشمني تان ساوند برادري جي معزز شخصيت آءِ بي اي سکر جو پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند کي سندراڻي برادري جي هٿياربندن قبائلي دشمني سبب انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو واقعو ان وقت پيش آيو جنهن وقت مقتول پي ايڇ ڊي اسڪالر اجمل ساوند گهران سکر طرف وڃي رهيو هو ته تاڙ ۾ ويٺل سندراڻي برادري جي هٿياربندن مٿس ڪار مٿان انڌا ڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني ۽ اجمل ساوند موقعي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪيو. هن فرانس مان مصنوعي ذهانت ۾ 2015 ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي هئي.  تعليم مڪمل ڪري هو پنهنجي ديس واسين جي خدمت لاءِ سنڌ آيو هو. سندس پي ايڇ ڊي ٿيسس جو عنوان ’موثر ۽ محفوظ اِي هيلٿ مانيٽرنگ‘ هو، هو فرانس وڃڻ کان اڳ ڪيڊٽ ڪالج لاڙڪاڻي مان انٽر ڪرڻ بعد مهراڻ يونيورسٽي مان سافٽ ويئر انجنيئرنگ ۾ گريجوئيشن ڪئي هئي. هنکي پرڏيهه ۾ ملازمت جي آڇ به ٿي هئي پر هن سنڌ واسين کي دنيا جي جديد ٽيڪنالجي جي تعليم ڏيڻ کي ترجيح ڏني.

اهڙو واقعو پيش اچڻ تي علائقي ۾ افراتفري وارو ماحول پيدا ٿي ويو ۽ ساوند برادري جا وڏي انگ ۾ ماڻهو هٿيار ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهچي ويا، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جي وارثن سان گڏجي لاش ڪنڌڪوٽ سول اسپتال منتقل ڪيو آءِ بي اي سکر جي پروفيسر 45 ورهين جي اجمل ساوند جي لاش جو پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو اهڙو واقعو پيش اچڻ بعد پوليس سندراڻي برادري جي هٿياربندن خلاف ڪا ڪاروائي عمل ۾ نه آندي، جڏهن ته اهڙو واقعو پيش اچڻ بعد ڪچي واري علائقي ۾ سندراڻي ۽ ساوند برادري جي ماڻهن وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي ۽ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري آهي آءِ بي اي سکر پروفيسر مقتول اجمل ساوند جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي، علائقي ۾ ڏهڪاٽ پکڙجي ويو حد جي پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربند اهڙو واقعو ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا آهن، پوليس ناڪابندي ڪري ڇڏي آهي هٿياربندن کي پوليس گرفتار ڪري وٺندي، مقتول اجمل ساوند-ساوند برادري جي چڱي مڙس ڊاڪٽر طارق ساوند جو ڀاءُ هو

پهنجو تبصرو موڪليو