ڪنوار شاديءَ کان اڳ گهوٽ کان معاهدو سائن ڪرائي ڇڏيو

ڪنوار شاديءَ کان اڳ گهوٽ کان معاهدو سائن ڪرائي ڇڏيو

ممبئي (انٽرسٽنگ نيوز) سوشل ميڊيا تي مختلف پليٽ فارمز تي ڀارتي رياست آسام مان هڪ شادي جي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ڪنوار شاديءَ جي ڏينهن گهوٽ کان ڪانٽريڪٽ سائن ڪرائي ڄاڃين سميت سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي ۽ هن وقت تائين 18 لک کان وڌيڪ ماڻهو وڊيو ڏسي چڪا آهن. ڪنوار گهوٽ کي چوي ٿي ته اهو هڪ وڏي شيٽ تي لڪيل هڪ خاص معاهدي تي صحيح ڪري جنهن ۾ اهي واعدا شامل هئا جيڪي گهوٽ کي شاديءَ کان پوءِ نڀائڻا پوندا قسم نامي ۾ پهرين شرط اها هئي ته گهوٽ ڪنوار کي هميشه خوش رکندو ۽ مهيني ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو پيزا ضرور کارائيندو. ٻي شرط هئي ته گهر جو کاڌو کائڻ جو جواب صرف ها ۾ هوندو ۽ رات جو دير تائين پارٽي ۾ رهڻ جي اجازت صرف گهر واريءَ سان گڏ هوندي ٻين واعدن ۾ ڪنوار کي هر 15 ڏينهن کانپوءِ خريداري لاءِ وٺي وڃڻ ۽ پارٽين ۾ هن جون سٺيون تصويرون وٺڻ شامل هو، معاهدي ۾ هڪ ٻي شرط جو ذڪر آهي ته گهوٽ کي آچر ڏينهن ناشتو ٺاهڻو پوندو

پهنجو تبصرو موڪليو