ڪنواري واڳون بنا سيڪس جي ٻچو ڄڻي ورتو

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) آمريڪا ۾ سائنسدانن ڪنواري واڳون جي ٻچي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رڪارڊ ڪئي آهي. اربع 7 جون تي ’بايولاجي ليٽرز‘ نالي جرنل ۾ شايع ٿيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻن سالن جي عمر ۾ مادي واڳون کي اڪيلو ڪري ڪوسٽا ريڪا جي پارڪ ۾ رکيو ويو. 16 سالن تائين اڪيلي رهڻ بعد جنوري 2018 ۾ ان واڳون 14 انڊا ڏنا. انهن انڊن کي انڪيوبيٽ ڪيو ۽ 3 مهينن ۾ اهي نه ڦُٽا، جن مان 7 آنا بظاهر ڪارائتا هئا جنهن بعد انهن آنن کي کوليو ويو ته 6 آنن مان ڪجهه نه نڪتو ۽ ان جو اڀياس ڪرڻ بعد ان مان ڪا ڄاڻ نه ملي پر هڪ آنو اهڙو هو جنهن مان هڪ ٻچو نڪتو جيڪو پنهنجي والده واڳون سان مشابهت رکندڙ هو. هن تحقيق جي نگراني ڪندڙ وَيرن بُوٿ لکيو آهي ته بنا ڳڀ يعني نر مادي جي ميلاپ کانسواءِ ٻچا پيدا ڪرڻ جا تجربا پکين، ڪرڙين، نانگن ۽ شارڪ مڇين تي اڳ ۾ ٿي چڪا آهن پر هي پهريون ڀيرو آهي ته ڪنهن ڪنواري واڳون جي آني مان ٻچو پيدا ٿيو آهي. سندس چوڻ آهي ته نر جي سيڪس کانسواءِ ٻچي جي پيدائش وارو هي عمل ڊائنوسارز جي پيدائش واري تحقيق ۾ به انتهائي مددگار ثابت ٿيندو. جن بابت خيال آهي ته ڊائنوسارز ارتقائي عمل مان گذرڻ بعد پکين ۽ ٻين جانورن جو روپ ڌاريو. بنا سيڪس ڪنواري جي پيدائشي صلاحيت کي سائنسي ٻولي ۾ فَيڪَلٽَيٽو پارٿينوجنيسس facultative parthenogenesis (FP) سڏيو ويندو آهي. عام لفظن ۾ ان کي هم جنسن مان ٻچو پيدا ڪرڻ جي صلاحيت به چئجي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو