ڪنب ۾ خودڪشي، نوشهري ۾ حادثي ۾ هڪ فوت

نوشهروفيروز/ ڪنب(مشتاق حسين مري ۽ صفدر چانڊيو) ڪنب ۾ نوجوان نامعلوم سبب ڪري گهر جي ڇت پکي سان رسو ٻڏي خودڪشي ڪري ڇڏي، سندس گهرواري پنهنجي ٻار سميت ڪجهه سال اڳ خود ڪشي ڪري ڇڏي هئي. هن هڪ خط ڇڏيو آحي جنهن ۾ چيو آهي ته سندس خودڪشي جو ڪو به ذميوار ناهي. هوڏانهن قومي شاهراهه تي مٺياڻي باء پاس وٽ تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار شعبان علي سولنگي موقعي تي فوت ٿي ويو.

جڏهن ته سندس ڀاء ياسين سولنگي سخت زخمي ٿي پيو. نوشهروفيروز پوليس فوتي نوجوان جو لاش ۽ زخمي کي سول اسپتال پهچايو زخمي ياسين سولنگي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نواب شاهه ريفر ڪيو ويو آهي زخمي ۽ فوتي ٻئي سڳا ڀائر ٻڌايا پيا وڃن جيڪي ٺٽ ڳوراهو جا رهواسي آهن جيڪي ڪم سانگي نوشهروفيروز اچي رهيا هيا ته حادثو پيش آيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو