ڪراچي (نمائندن وٽان) ٻن مختلف شهرن ۾ پيش آيل ڌار ڌار واقعن ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. ڪنب مان صفدر ڇانڊيو موجب ڳوٺ ٻيڙو خان مهراڻي لڳ ٻٻر وڏا لنڪ روڊ تي تيز رفتار ڊاٽسن جي موٽرسائيڪل کي ٽڪر سبب الحسيني ڪالوني جو رهواسي نوجوان رحمت الله پٽ حبيب الله ڀٽي ٿڏي تي فوت ٿي ويو . اطلاع تي ڪنب پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ڪوٽڏيجي اسپتال پهچايو جڏهن ته ڊاٽسن ڊرائيور ڳوٺ نواب سولنگي ڀرسان ڊاٽسن ڇڏي فرار ٿي ويو ڊاٽسن کي پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي.***مورو مان اياز سولنگي موجب نوان جتوئي ۾ پيرسن محمد پريل سومرو پراسرار نموني فوت ٿي ويو آھي فوتي جي پٽ غلام اڪبر سومرو نوان جتوئي پوليس ٿاڻي تي قتل جي رپورٽ داخل ڪرائي آھي ايس ايڇ او نوان جتوئي حيات چانڊيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان لاش کڻائي اسپتال پھچايو آھي پوسٽ مارٽم رپورٽ ڏيندا ته ان تحت ڪاروائي ڪنداسين. ھوڏانھن علائقي ۾ اڦواھ ھلي رھيا آھن ته سومرن ۽ ميمڻ برادري جي منھن ماري ٿي هئي جنهن سبب پيرسن دل جو دورو پوڻ ڪري فوت ٿي ويو .










