ڪمپيوٽر جي دنيا جي دلچسپ ڪهاڻي، گوگل ڪڏهن ۽ ڪيئن ٺهي؟

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) دنيا ۾ 5 ارب ماڻهو ڪمپيوٽر استعمال ڪن ٿا ۽ هر ماڻهو روزانو انٽرنيٽ تي ڪجهه نه ڪجهه تلاش ڪري ٿو. دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ سرچ انجڻ طور گوگل استعمال ٿئي ٿي. يعني 70 سيڪڙو ماڻهو گوگل ذريعي سرچ ڪن ٿا. آمريڪا جي هي ڪمپني ايپل، آءِ بي ايم ۽ مائيڪرو سوفٽ کان گهڻي ننڍي آهي. اوهان کي خبر هوندي ته ڪمپيوٽر جي سڀ کان پراڻي ڪمپني آءِ بي ايم آهي جيڪا 1911 ۾ قائم ٿي هئي جڏهن ته ايپل ۽ مائيڪرو سوفٽ 70 واري ڏهاڪي جي پيداوار آهن، جڏهن ته گوگل 1998 ۾ قائم ٿي. گوگل جو قيام به حادثاتي آهي ۽ جڏهن آمريڪا جي مشيگن يونيورسٽي جي گريجوئيٽ ليري پيج ڪمپيوٽر سائنس ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ ورلڊ وائيڊ ويب جنهن کي اسين www به سڏيو ٿا۽ اهو هر ويب سائيٽ جي ابتدا ۾ لکيل به هوندو آهي، جي عنوان سان مقالو لکيو. ان مقالي ڪمپيوٽر جي سائنسدانن لاءِ سوچڻ جو هڪ نئون رخ ڏنو ۽ خود ليري پيج ان بابت تحقيق سروع ڪئي ته کيس ميٿاميٽڪس جي ضرورت پئي ۽ هن يونيورسٽي جي ساٿي شاگرد سرجي بِرن سان مشورو ڪيو ۽ هنن گڏجي الگورٿم ٺاهي جنهن سان مختلف صفحا ويب پيجز ڳولڻ ۾ مدد ملي، جنهن جو نالو هنن پيج رينڪ رکيو. جنهن بعد هنن ٻنهي گڏجي 9 جنوري 1998 تي آمريڪا ۾ Back Rub نالي پيٽنٽ رجسٽر ڪرايو ۽ جلد ئي ان جو نالو مٽائي گوگل رکيو. 4 سيپٽمبر تي ساڳئي سال باضابطه طور گوگل ڪمپني قائم ڪئي وئي. جنهن جي مدر يعني ماءُ ڪمپني اڄ به الفابيٽ آهي. اسين روزانو گوگل استعمال ڪريون ٿا پر مٿي ڏنل معلومات گهٽ ماڻهن کي هوندي. جيڪڏهن اوهان کي هي معلومات پسند آئي آهي ته مهرباني ڪري سنڌيار جي هن اسٽوري جو لنڪ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪريو جيئن وڌ کان وڌ ماڻهن تائين اها معلومات پهچي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو