رائيٽ سائيزنگ ڪميٽي جي سفارش، 60 هزار ملازم متاثر ٿيڻ جو خدشو

رائيٽ سائيزنگ ڪميٽي جي سفارش، 60 هزار ملازم متاثر ٿيڻ جو خدشو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)رائيٽ سائيزنگ ڪميٽي جي سفارش تي سول سرونٽ ايڪٽ 1973ع ۾ ترميم تي ڪم شروع ڪيو ويوآهي. ذريعن موجب ڪميٽي جي سفارشن سان 60 هزار سرڪاري ملازم متاثر ٿي سگهن ٿا. متاثر آفيسرن ۽ اهلڪارن لاءِ ٻين ادارن ۾ ايڊجسٽمينٽ پروگرام جو بندوبست ڪيو پيو وڃي.دستاويز موجب سول سرونٽ ايڪٽ جي سيڪشن 2 ۽ 11 ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي. سول سرونٽس جو سيڪشن 2 ملازمن جي مقرري جي شرطن سان تعلق رکي ٿو جڏهن ته سيڪشن 11 ملازمت جي خاتمي ۽ پينشن جي معاملن سان تعلق رکي ٿو.حڪومتي ذريعن موجب، حڪومت جي لاڳت ۾ گهٽتائي ۽ بحالي واري مشق جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي وزارتون بند يا ضم ٿي وينديون.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ادارا ختم ڪيا پيا وڃن يا هڪ قسم جي ادارن جي ضم ٿيڻ سان هزارين سرڪاري ملازم متاثر ٿيندا.پهرين مرحلي ۾ متاثر ملازمن کي سرپلس پول ۾ موڪليو ويندو، ٻئي مرحلي ۾ سرپلس ملازمن کي ٻين کاتن ڏانهن موڪليو ويندو، سرپلس ملازمن ۽ آفيسرن کي گولڊن هينڊ شيڪ پڻ ڏنو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه ملازمن کي صوبائي کاتن ۾ ايڊجسٽ ڪيو ويندو، ڪيترن ئي ملازمن کي برطرف ڪيو ويندو، پي ڊبليو ڊي سميت بند ادارن جي ملازمن کي مالي پيڪيج ڏنو ويندو.ترميمي مسودو اسٽيبلشمينٽ ڊويزن تيار ڪري ورتو آهي، ڪابينا کان منظوري ورتي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو