ڪميشن ڊي سي ۽ آءِ جي جي بدلي تي نظرثاني ڪري،حڪومت

ڪميشن ڊي سي ۽ آءِ جي جي بدلي تي نظرثاني ڪري،حڪومت

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) حڪومت اليڪشن ڪميشن کان آءِ جي ۽ ڊي سي اسلام آباد کي عهدي تان هٽائڻ جي فيصلي تي نظرثاني جو مطالبو ڪيو آهي.چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ احمد چيمه کي عهدي تان هٽائڻ جي معاملي تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جو سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته احمد چيمه کي عهدي تان هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن رات دير سان جاري ڪيو ويو آهي.اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي سيڪريٽري آءِ جي اسلام آباد ۽ ڊي سي اسلام آباد کي عهدن تان هٽائڻ جي معاملي تي ٻڌايو ته گهرو وزارت انٽيليجنس بيورو طرفان دهشتگردي جي واقعن جي رپورٽ به جاري ڪئي آهي اسلام آباد ۾ امن امان جي حوالي سان به رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي.اليڪشن ڪميشن کي ٻڌايو ويو آهي ته گهرو وزارت درخواست ڪئي آهي ته اليڪشن ڪميشن انهن ٻنهي آفيسرن جي حوالي سان پنهنجي فيصلي تي نظر ثاني ڪري. گهرو وزارت چيو آهي ته انهن ٻنهي آفيسرن کي برقرار رکيو ويندو. وزيراعظم اليڪشن ڪميشن جي هدايت تي آءِ جي ۽ ڊي سي اسلام آباد جي تبديلي لاءِ اسان کي حڪم ڏنو آهي. اليڪشن ڪميشن آءِ جي ۽ ڊي سي اسلام آباد کي هٽائڻ جي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري.چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته گهرو وزارت جي رپورٽ کي اسان ڏسي وٺنداسين. اوهان سڀاڻي تائين ٻنهي عهدن جي لاءِ پينل ڏسي وٺو.

پهنجو تبصرو موڪليو