اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ صحافي ارشد شريف جي قتل جي جاچ لاءِ فيڪٽ فائنڊنگ ڪميشن جوڙڻ جي درخواست تي ٻڌڻي دوران صحافين کي هدايت ڪئي آهي ته انڪوائري جي معاملي تي صحافتي تنظيمن کي آگاهه ڪيو وڃي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي چيو ته اڄ رڳو اهو ڪيس ٻڌڻ آيو آهيان.ٻڌڻي دوران درخواستگذار جو وڪيل شعيب رزاق عدالت ۾ پيش ٿيو.عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا ارشد شريف خاندان وٽ ڪو ويو آهي؟ ڇا انهن کي ڪنهن سپورٽ جي ضرورت آهي؟ وڪيل جواب ڏنو ته ارشد شريف جو لاش اڄ پاڪستان پهچندو، درخواست آهي ته قتل جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي، حڪومت ارشد شريف کي واپس ڪرڻ لاءِ يو اي اي کي چيو هو.ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته هي افسوسناڪ واقعو آهي، ڪينيا حڪومت کان رپورٽ اچڻ گهرجي، جيڪڏهن کين ڪو اعتراض آهي ته ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ڪئي وڃي. چيف جسٽس اطهر من الله هدايتون ڏيندي چيو ته انڪوائري جي معاملي تي صحافتي تنظيمن کي آن بورڊ رکيو وڃي، هن مرحلي تي ڪميشن ٺاهڻ جو ڪو فائدو نه ٿيندو.سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.










