ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پوليس کاتي ۾ آفيسرن جي بدلين جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي صوبائي اليڪشن ڪميشن آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کي خط لکي ڇڏيو اليڪشن ڪميشن پاران لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته 18 مئي تي گريڊ 18 ۽ 19 جي آفيسرن جون بدليون ڪيون ويون. هن وقت مڪاني چونڊن جي چونڊ جو عمل جاري آهي ان موقعي تي پوليس آفيسرن جون بدليون قائدن جي خلاف آهن اليڪشن ڪميشن چيو ته بدليون واپس يا چوندن جو مرحلو مڪمل ٿيڻ تائين ملتوي ڪريو.










