ڪمند جي پيڙهائي شروع نه ٿي، آبادگارن جو احتجاج

ٽنڊو غلام حيدر(ميرحسن رند) انصاري شوگر ملز پاران وقت تي ڪمند جي پيڙھائي نه ڪرڻ ۽ پهرين واريون بقايائون نه ڏيڻ خلاف سوين آبادگارن الطاف ميمڻ، دودو خان لغاري، خليل احمد نظاماڻي ۽ ٻين زميندارن پاران انصاري شوگر مل گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي آبادگارن جو وڌيڪ چوڻ هو ته مل هن وقت تائين ڪمند جي پيڙاهي نه ڪري سگهي آھي جنهن سان هڪ ته اسان جو ڪمند سڪي رهيو آھي ٻيو وري مٿان ڪڻڪ جي پوکائي وقت تي نه ٿيڻ ڪري اسان کي لکين روپين جو نقصان پهچي رهيو آھي ۽ ملز انتظاميه پاران اسان جون رهيل ٻن سالن کان بقايائون به نه ڏنيون ويون آھن. ان سلسلي ۾ آبادگارن وزير اعليٰ سنڌ کان پرزور مطالبي جي گهر ڪندي چيو ته فوري طور جلد کان جلد انصاري شگر مل هلرائي وڃي ۽ اسان جون بقايائون پڻ وٺرائي ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو