ڪمرشل فيڊرز 7 کان 10 وڳي تائين بند ڪرڻ جو فيصلو

ڪمرشل فيڊرز 7 کان 10 وڳي تائين بند ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)وفاقي حڪومت بجلي جي بچت لاءِ مختلف تجويزون تيار ڪيون آهن. جنهن ۾ اهم نقطو شام 7 کان رات 10 وڳي تائين ڪمرشل فيدر بند ڪيا ويندا. پاور ڊويزن جي ذريعن موجب سمري جي منظوري ڪابينا ڏيندي، سمري موجب سڄي ملڪ ۾ ڪمرشل فيڊرز شام 7 وڳي کان رات 10 وڳي تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان دوران ڪمرشل فيڊرز تي لوڊشيڊنگ نه ٿيندي. پاور ڊويزن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪمرشل فيڊرز جي بندش سان 5 هزار ميگاواٽ بجلي جي بچت ٿيندي، ٽيوب ويل فيڊرز جي بجلي شام 7 وڳي کان رات 11 وڳي تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سان به بجلي جي بچت ٿيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن تجويزن جي منظوري هن هفتي وزيراعظم ۽ ڪابينا ڏيندي. پاور ڊويزن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته واپارين پاران جلد دڪان بند ڪرڻ کان انڪار تي متبادل تجويزون تيار ڪيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو