ڪشمير مسئلي جي حل کانسواءِ امن قائم نه ٿيندو، قريشي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پنهنجي آمريڪي هم منصب مائيڪ پومپيو سان ملاقات ۾ چيو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن تيسين قائم نٿو ٿي سگهي جيسين ڪشمير مسئلو حل نه ٿئي. ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزير وچ اوڀر، طالبان سان ڳالهين ۽ ڪشمير جي صورتحال سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. شاهه محمود قريشي ايران ۽ سعودي عرب جي دوري بابت مائيڪ پومپيو کي آگاهه ڪيو ۽ امن جي قيام لاءِ مختلف معاملن تي ٿيل ڳالهه ٻولهه م سامهون آيل آپشنز بابت به آگاهه ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ هلندڙ ڳالهيون کيس ڪامياب ٿيندي نظر اچن پيون ۽ جلد اهم خوشخبري ملي سگهي ٿي. هن چيو ته آمريڪا مڪمل طور تي افغانستان مان واپس نه وڃي ۽ افغانستان جي ترقي ۽ تعمير لاءِ موجود رهي ۽ ڪردار ادا ڪري. ٻئي پاسي طالبان ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ اميد طاهر ڪئي آهي ته هلندڙ مهيني جي آخر تائين آمريڪا سان سندن معاهدو ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو