سکر ( ن سنڌ يار)سکر ۾ ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار جو ڏهاڙو ملهايو ويو سکر جي مختلف سماجي ، سياسي ، مذھبي ، سول سوسائٽي پاران مختلف ھنڌن تان ريليون ڪڍي پريس ڪلب پھريون ، سياسي ، سماجي ، مذھبي جماعتن جي اڳواڻن جو چوڻ آھي ته انڊيا ڪشمير تي رياستي دھشتگردي ڪري رھيو آھي ، ڪشميرين سان ظلم زيادتي برداشت ڪنھن صورت ۾ نه ڪئي ويندي ،انساني حقن جون تنظيمون ڪشمير مسئلي تي خاموش بڻيل آهن ، اقوام متحده ڪشميرين تي ٿيندڙ جبر ۽ ڏاڍ جو نوٽيس وٺي ، آزادي ڏيارڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سکر ھندو برادري جي به ڌرم شالا کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڪشمير بني گا پاڪستان جا نعرا پڻ لڳايا ويا










