ڪشميرين سان يڪجهتي جي ڏهاڙي تي سياسي اڳواڻن جا پيغام

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)ڪشميرين سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن پاران پيغام جاري ڪيا ويا آهن.ڪشميرين سان يڪجهتي جي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ڪشمير اسان جي شہ رگ آهي، ڪشميري عوام کي حق خوداراديت ڏنو وڃي.
اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ آهيون، سراج الحق
امير جماعت اسلامي سراج الحق جو چوڻ آهي ته ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ آهيون.
دنيا ڪشميرين سان ريفرنڊم جو واعدو پورو ڪري: مريم اورنگزيب
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين جي ڀرپور حمايت جو عزم ڪري ٿو.هن چيو ته ڀارتي رياستي دهشتگردي باوجود ڪشميرين جو آزادي لاءِ عزم جُرم نه پيو، ڇا دنيا ڪشميرين سان ريفرنڊم جو واعدو پورو ڪري؟
ڪشميري حق خوداراديت لاءِ وڙهي رهيا آهن، عبدالقدوس بزنجو
بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ڪشميرين سان يڪجهتي جي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ڪشميري حق خوداراديت لاءِ وڙهي رهيا آهن، ڪشمير مسئلو ڪشميرين جي خواهشن موجب حل ٿيڻ گهرجي.عبدالقدوس بزنجو جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ ڏهاڪن کانپوءِ ڪرڪيٽ واپس اچي رهي آهي، اڄوڪي ڪرڪيٽ ميچ بهادر ڪشميري ڀائرن جي نالي آهي.
سڀني پاڪستانين کي اڄ ڪشمير جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي: ناصر حسين شاهه
سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته دشمن ملڪ پاڪستان ۾ انتشار پکيڙڻ ۾ سرگرم آهن، ملڪ دشمنن جو ايجنڊا پاڪستان کي اڳتي وڌڻ کان نٿو روڪي سگهي.ناصر حسين شاهه جو چوڻ آهي ته اڄ سمورن پاڪستانين کي ڪشمير جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، اسان جون فوجون دهشتگردي جو منهن ٽوڙ جواب ڏئي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو