ڪشميرين سان يڪجهتي جو ڏينهن، سڄي دنيا ۾ جلسا جلوس

ڪشميرين سان يڪجهتي جو ڏينهن، سڄي دنيا ۾ جلسا جلوس

ڪراچي (نمائندن وٽان) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي. پاڪستان م عام موڪل آهي ۽ چئني صوبن جي ننڍن وڏن شهرن ۾ خصوصي تقريبون، جلسا ۽ جلوس ڪڍيا پيا وڃن. هونئن ته ماضي ۾ به هي ڏينهن ملهايو ويندو آهي پرهن سال ان جي اهميت ان ڪري وڌيڪ آهي ته والاريل ڪشمير ۾ لاڪ ڊائون آهي، هزارين ڪشميري قيد آهن، قيادت جيلن ۽ گهرن ۾ قيد آهي ۽ ڀارت ڪشمير جو خصوصي درجو ختم ڪري ڇڏيو آهي. گذريل سال 5 آگسٽ تي انتها پسند ڀارتي جنتا پارٽي جي وزيراعظم نريندرا مودي جي  حڪومت ڀارتي آئين جي شق 370 ختم ڪندي ڪشمير جو خصوصي درجو ختم ڪري ڇڏيو هو. جنهن بعد 80 لک ڪشميرين کي ڪرفيو هڻي قيد ڪيو ويو هو ۽ مواصلاتي نظام به ڪٽي ڇڏيو هو.

پوري دنيا ۾ ڀارتي حڪومت جي اپائن تي تنقيد ٿي رهي آهي ۽ خود ڀارت اندر پوري ملڪ ۾ جلسا جلوس منعقد ڪيا پيا وڃن ۽ احتجاجي تحريڪ جاري آهي. 50 سالن بعد پهريون ڀيرو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ هي معاملو اٿيو ۽ دنيا ڀر ۾ ان جو پڙاڏو ٻڌجي پيو. وزيراعظم عمران خان، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجه فاروق حيدر ڀارتي ظلمن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪشميري قوم سجاڳ آهي ۽ هاڻي سندن آزاديجي منزل ويجهي آهي. پاڪستان جي قومي اسمبلي گذريل ڏينهن منظور ڪيل ٺهراءَ ذريعي ڀارت سان والاريل ڪشمير جو الحاق ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو.

پاڪستاني پارليمان جي ايوان بالا سينٽ مان به ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلمن جي مذمت ڪندي ڪشميرين جي حق خود اراديت جي حمايت ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو هو. *** نوابشاهه مان اي ڪي ڏاهري مطابق ڪشميرين سان ظلم ۽ بربريت خلاف شهيد بينظير ڀٽويونيورسٽي شهيد بينظير آباد جي استادن ، شاگردن ۽ انتظاميه  طرفان ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي طور ريلي ڪڍي وئي.ريلي شهيد بينظيرڀٽو يونيوسٽي جي استادن، ملازمن ۽ ريلي ۾ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي شاگردن وڏي انگ ۾ بينرز کڻي شرڪت ڪئي. *** ڳڙهي ياسين مان شفيق مهر مطابق آغا صدر الدين مين پرائمري  اسڪول جي ھيڊ ماستر دلشاد احمد ڀٽي او سي اسڪول جي ھيڊ ماستر منظور پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي جيڪا شھر جي مختلف ھنڌن کان ٿيندي پريس ڪلب پھتي جتي استادن دلشاد احمد ڀٽي، قمرالدين اوڍو، اشرف سومرو، حسيب الله ميمڻ، محمد نواز دراني ۽ ٻين ريلي کي خطاب ڪيو. *** ڪنڌ ڪوٽ مان غالب بلوچ مطابق ڪشميرين سان اظھار يڪجھتي لاءِ ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس کان گھنٽاگھرچوڪ تائين ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر نظير احمد اعواڻ، ڊي او تعليم آپا رشيدا کوسو، يونين آف جرنلسٽس جي صدر لياقت علي کوسو، غلام رسول ميراڻي، دليپ ڪمار جي اڳوڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.

*** مورو مان اياز سولنگي مطابق ڪشميرين سان يڪجھتي طور اسسٽنٽ ڪمشنر مورو احسان اللہ يوسفزئي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي جنھن ۾ مختلف کاتن جي آفيسرن، ملازمن، تعليم کاتي جي آفيسرن، اسڪولز جي استادن شاگردن، شھري، سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. *** گلاب لغاري مان سليمان چانڊيو مطابق سڄي ملڪ جيان گلاب لغاري هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر استاد غني نظاماڻي جي اڳواڻي ۾ مقبوضه ڪشمير جي ڪشميرين سان يڪجهتيءَ طور ريلي ڪڍي وئي. ريلي کي ماستر گل محمد زنئور، ماسترعلي مراد شيخ، ماسترراڻو پهنورسميت استادن شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان ٻڌي جو ثبوت ڏنو. *** ڪشمور مان اصغر علي چانڊيو مطابق جماعت اسلامي، قومي امن ڪاميٽي، سول سوسائٽي، الائنس پاڪستان، قومي امن ڪائونسل ايم پاڪستان ۽ ٻين تنظيمن جي اڳواڻن عامر ڪلوڙ، افضل عطا ڪلوڙ، امان الله چنا، ٽيپو رند، ھاءِ اسڪول ٽائون جي پرنسپال عبدالسميع، عبدالرحيم ملڪ جي اڳواڻي ۾ نادرا آفيس، ڪشمور ھاءِ اسڪول ٽائون ،شيخ پيٽرول پمپ کان ريليون ڪڍيون ويون.

*** مٺي مان لياقت نهڙيو مطابق ضلعي انتظاميا ٿرپارڪر پاران ضلعي جي سمورن تعلقن ۾  ڪشمير جي آزادي ۽ ڪشميري ڀائرن سان اظهار يڪجهتي طور مختلف پروگرام منعقد ڪرايا ويا جنهن ۾ مسجدن ۾ نماز فجر جي دعائن ۾ ڪشمير جي آزادي ۽ ڪشميري ڀائرن سان اظهار يڪجهتي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون. *** سيوهڻ شريف مان رميز علي سولنگي مطابق ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ مختلف جڳهن تان ريليون ڪڍيون ويون مرڪزي ريلي جي قيادت اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ نور احمد کھڙو ڪري رهيو هو . جڏهن ته ريلين ۾ مختلف اسڪولن جي استادن، شاگردن، ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. *** نوشهروفيروز مان مشتاق مري موجب ڪشميرين سان يڪجهتي طور ڏهاڙو ملهائڻ جي مک ريلي ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز ڪيپٽن رٽائرڊ بلال شاهد رائو جي سربراهي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي.

ان موقعي تي ايڊيشل ڊپٽي ڪمشنر تاشفين عالم کا ن سواءِ صحت ،تعليم، پوليس کان سواءِ سمورن سرڪاري کاتن جا آفيسر، عملي ۽ تعليمي ادارن جا  استادن ،شاگردن، سول سوسائٽي ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. *** سکر مان جيرام داس/امداد علي ڪلوڙ مطابق ضلعي انتظاميه پاران ڪشمير جو ڏهاڙو ڀرپور قومي جذبي ۽ ولولي سان ملهايو ويو. ضلعي انتظاميه سکر پاران مختلف ادارن جي سهڪار سان ترتيب ڏنل پروگرام موجب سکر جي دعا چوڪ کان ميونسپل اسٽيڊيم تائين ميراٿن ريس ٿي جنهن ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن وڏي انگ ۾ حصو ورتو. *** خانپور مان زبير گل مطابق ڪشمير جي مظلوم مسلمانن سان اظهار يڪجهتي جي حوالي سان پاڪستان پيٽرياٽڪ يوٿ ۽ جي يو آءِ طرفان عيد گاھ روڊ کان مولانا غلام قادر بروهي، زبيرگل، سيف الرحمن آرائين، چوڌري نظير آرائين، عتيق ابڙو، زين رند جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. *** سانگهڙ مان خير محمد مگسي مطابق يوم ڪشمير جي مک ريلي ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ مرزا ناصر علي جي سربراهي ۾ ميونسپل ڪميٽي آفيس کان پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي جنهن ۾ ضلعي جي سمورن عملدارن، سول سوسائٽي، استادن، شاگردن، غير سرڪاري تنظيمن جي نمائندن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

*** ٺڪراٺو مان حضرت گل پٺاڻ مطابق سموري ملڪ جيان ٺڪراٺو ۾ به گلشن ماڊل ڪمپيوٽرائيزڊ اسڪول جي استاد فقيرمحمد مھر، استاد علي حسن مھر، استاد نديم احمد مھر، استاد شاھد حسين سومرو ۽ استاد عبدالستارمھر جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. *** مريد شاخ مان ارشد فيض گهنڃو مطابق ڪشميرين سان يڪجهتي جي حوالي سان استاد الله بخش ملڪ، استاد محمد سلطان ميراڻي، بلند علي شاھ، محمد آريان گهنڃ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. *** سيٺارجا مان سجاد علي ڪٻر مطابق ڪشميري عوام تي هندستاني فوج جي ظلم ۽ کين خود مختياري جو حق نه ڏيڻ خلاف سيپڪو ملازمن پاران ايس ڊي او قاضي شفيق احمد، يونين چيئرمين طالب حسين لنڊ، سيد اسرار شاهه، محبوب علي ڄامڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.

*** خيرپور ناٿن شاهه مان برڪت علي چانڊيو مطابق ڪشميرين سان يڪجھتي طور آڪسفورڊ هاءِ اسڪول جي استادن رضا محمد لنڊ، عبدالمنان گاڏھي، آصف علي چنه، امتياز ٻٻر، فيض گاڏھي ۽ حاڪم علي گاڏھي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ان کان علاوهه سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن اوٻاوڙو، ميرپورخاص، شهدادڪوٽ، وڳڻ، سڪرنڊ، ڇاڇرو، قبو سعيد خان، ٺري ميرواهه، ڪُنب، وارهه، راڻيپور، صالح پٽ، گهوٽڪي، دادو، مانجهند، بخشاپور، دڙو، خانپور مهر، ڪلوئي، بوزدار وڏا ، ميهڙ، ٽنڊو غلام حيدر ۾ به ڪشميرين سان يڪجهتي طور ريليون ڪڍي مسلمانن مٿان ٿيندڙ ظلم خلاف سخت نعري بازي پڻ ڪئي وئي ۽ ڪشمير بنيگا پاڪستان، پاڪ آرمي زنده آباد، پاڪستان زنده آباد جا نعره پڻ هنيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو