ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي، سڄي ملڪ ۾ جلسا جلوس

ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي، سڄي ملڪ ۾ جلسا جلوس

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڄ سڄي دنيا سميت پاڪستان جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي جو ڏينهن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. سرڪاري توڙي نجي سطح تي مختلف سياسي جماعتن،سماجي فورمز ۽ واپاري تنظيمن پاران جلسا جلوس، سيمينار ۽ صخوصي پروگرام منعقد ڪيا ويا. سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سفارتخانن ۾ به تقريبون منعقد ڪيون ويون. وزيراعظم شهباز شريف ڪسمير جي قانونساز اسمبلي کي خطاب ڪيو، ڪشمير بابت مشير قمرالزمان ڪائرو ڪوهالا پل وٽ ڪڍيل جلوس ۾ شرڪت ڪئي. پاڪستان جي زندگي جي سمورن شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن ڪشميري ڀائرن کي گڌيل قومن جي ٺهرائن مطابق انصاف ملڻ تائين سندن ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪيو. ڀارت پاران ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلمن جي مذمت ڪندي عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

ڪشميرن سان اظهار يڪجهتي لاءِ شاگردياڻين جو ٽيبل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪشمرين سان اظھار يڪجھتي جي حوالي سان جوفل حسٽ گورنمنٽ بوائز ۽ گرلز اسڪول نمبر 2 ريس ڪلب ۾ شاگرد ۽ شاگرياڻين ٽيبلون پيش ڪيون ڪشمري ڀائرن سان اظھار يڪجھتي جي حوالي سان اسڪول جي شاگرن ۽ شاگردياڻين ڪشمرين سان ٿيندڙ ظلم جي حوالي سان ٽيبلون پيش ڪيون ويون جتي جوفل حسٽ گورنمنٽ بوائز ۽ گرلز اسڪول نمبر 2 ريس ڪلب جي ميڍم بشرا خان ۽ سندس اسٽاف موجود ھئا جتي ڪشميرين سان اظھار يڪجهتي ڪندي هڪ زبردست پروگرام منعقد ڪيو جنهن ۾ اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ٽيبلو ۽ تقريرون پيش ڪيون

ڪشميرين سان يڪجهتي جي لاءِ ڊي سي جي سربراهي ۾ ريلي
بدين(ن س) يوم ڪشمير جي موقعي تي ڪشميرن سان اظهار يڪجهتي ملهائڻ جي لاءِ ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاھنواز خان جي قيادت ۾ ڊي آفيس کان ڊي سي چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ تعليم صحت، پوليس’ روينيو، ضلعي جي سرڪاري غيرسرڪاري تنظمين ، اين جي اوز ، ميڊيا، اقليتن ۽ سول سوسائٽي جي هر طبقي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمنشر بدين آغا شاھنواز خان چيو ته ڪشميرين جي جدوجهد کي سرخ سلام پيش ڪرڻ لاءِ اڄوڪو ڏينهن ملھايو پيو وڃي هن چيو ته گذريل 75 سالن کان انڊيا ڪشمير تي ناجائز قبضو ڪيو آهي ۽ اقوام متحده جي ڪرارداد کي مسلسل نظر انداز ڪيو پيو وڃي ڪشميرن تي انڊين آرمي پاران جيڪو ظلم ٿي رهيو آهي اها سراسر هيومن رائٽس جي لتاڙ آهي. هيومن رائٽس ڪميشن کي ان جو سختي سان نوٽيس وٺڻ گهرجي، ڪشمير جو عوام سالن کان وٺي ظلم برادشت ڪري رهيو آهي سالن کان هلندڙ ظلم بند ڪيو وڃي. هي هڪ قومي ڪاز آهي ۽ ڪشمير اسان جي شهه رڳ آهي جنهن جي آزادي لاءِ اسان هر وقت تيار آهيون هن چيو ته انشاء الله هڪ ڏينهن ڪشمير ضرور آزاد ٿيندو ۽ ڀارت جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. ان سلسلي ۾ بدين جي عوام جو جوش ۽ جذبو قابل ديد آهي ۽ ڪشميري ڀائرن سان هر وقت گڏ آهي هن چيو ته اسان پنهنجن ٻارڙن کي به ڪشميرين جي جدوجهد کان آگاه ڪريون ۽ انڊيا جي ظلم بابت پڻ آگاهي ڏيون ريلي ۾ ڪشمير جي شهيدن لاءِ پڻ دعائون ڪيون ويون

نوشھروفيروز ۾ ۾ مظلوم ڪشميري ڀائرن سان ٻڌي جو اظھار
نوشھروفيروز (ن س)سڄي ملڪ جيان نوشھروفيروز ۾ بہ پنھنجي مظلوم ڪشميري ڀائرن سان ٻڌي جي اظھار لاءِ يوم يڪجھتي ڪشمير ملھايو ويو.ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي سامھون ڊپٽي ڪمشنر شاھزيب شيخ جي اڳواڻي ۾ ھڪ گڏڄاڻي ڪوٺائي وئي. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشر سيد عمار حسين، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر اسداللہ ڪلھوڙو، ڊي اي او حزب اللھ ڪوريجو ۽ ضلعي جي سڀني کاتن جي آفيسرن ۽ ملازمن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ھڪ منٽ جي خاموشي پڻ اختيار ڪئي وئي. ان بعد ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان پريس ڪلب تائين ھڪ ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي پڄاڻي تي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر چيو تہ اسين سڀ شھري اڄ اھو واعدو ورجائي رھيا آھيون تہ اسين دنيا جي ھر فورم تي پنھنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ آھيون. اسين پنھنجي ڪشميري ڀائرن تي ڀارتي فوج پاران ٿيندڙ ظلمن جي سخت مذمت ڪريون ٿا ۽ گڏيل قومن جي اداري کان اھو مطالبو ڪريون ٿا تہ ڀارت پاران ڪشميري مسلمانن تي ظلم فوري طور بند ڪيا وڃن. ۽ ڪشمير جي عوام کي گڏين قومن جي اداري پاران پاس ڪيل قرارداد مطابق پنھنجي مرضي سان جيئڻ جو حق ڏنو وڃي ۽ اسان اھا اميد ڪريون ٿا تہ اھو ڏينھن پري ناھي جڏھن ڪشميري عوام کي آزادي جو حق حاصل ٿيندو.

نئون ڪوٽ ۾ ڪشميري ڀائرن سان اظهار يڪجهتي لاءِ ريلي ڪڍي وئي
نئون ڪوٽ (ن س) نئون ڪوٽ ڀرسان تعلقي ڪلوئي جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول سنتورو فارم ۾ ڪشميري ڀائرن سان اظهار يڪجهتي لاءِ ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شريڪ ٻارڙن ڪشمير بني گا پاڪستان ۽ ڪشميري ڀائرن سان ظلم بند ڪيو وڃي جا نعرا هنيا، ان موقعي تي شاگردن جو چوڻ هو ته مودي سرڪار ڪشميري ڀائرن تي ظلم جي انتها ڪئي آهي هنن عالمي ادارن کان مطالبو ڪيو ته ڪشميري ڀائرن کي اسان جيئن آزاد ڪيو وڃي ته اهي اسان وانگي آزادي سان تعليم پرائي ۽ جي سگهن،

ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي لاءِ اي سي جي سربراهي ۾ ريلي
ٽنڊوغلام حيدر (نمائينده سنڌيار )ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي طور ٽنڊو غلام حيدر اسسٽنٽ ڪمشنر سڪندر علي مهيري پاران آفيس کان ٽائون ڪميٽي گيٽ تائين ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ ڊي ايس پي سيد انور حسين شاھ ،پرائمري ٽي اي او علي ڏنو ميمڻ، ٽي اي او هائيرسيڪينڊري نثار احمد عباسي، ڊاڪٽر نويد احمد زئور، بشيراحمد مغل، ارباب محمد خان ورياھ، محبوب نوتڪاڻي، ٽائون ڪميٽي ملازمن سميت اسڪولي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ڀارت خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر سڪندر علي مهيري صحافين سان ڳالهائيندي چيو تہ ڪشميرين تي ڀارتي فوج پاران ٿيندڙ ظلم انتهائي افسوس جوڳو عمل آهي ۽ ڀارت پاران ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪئي وئي آهي، ڀارتي ظلمن سان مظلوم ڪشميرين جا حوصلا گهٽائي نہ ٿا سگهجن هن چيو تہ ڀارت پنهنجي ظلم ۽ ڏاڍ جي زور تي مظلوم ڪشميرين تي ناجائز بربريت ڪري ڪشميري ڀائرن کي ظلم جو نشانو بڻايو پيو وڃي، هن وڌيڪ چيو تہ ڪشميرين سان هندستان جو ظلم بند ڪرائي قابض فوج کي ڪشمير مان نيڪالي ڏئي کين حق خود اراديت جو موقعو ڏنو وڃي ۽ پاڪ فوج جون ملڪ لاءِ قربانيون وسارڻ جوڳيون ناهن ۽ اسان پاڪ فوج سان هر وقت گڏ آهيون.

قومي امن ڪاميٽي طرفان يوم يڪجهتي ڪشمير ريلي ڪڍي وئي
گھوٽڪي (ن س) قومي امن ڪاميٽي ضلع گهوٽڪي طرفان ميرپورماٿيلو يوم يڪجهتي ڪشمير ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي ڀٽائي چوڪ تي پهتي ريلي ۾ هڪ هزار فوٽ پاڪستان جو جهنڊو هٿن ۾ کنيو ويو “ڪشمير بنيگا پاڪستان ” پاڪ فوج زنده آباد ” پاڪستان زنده باد ” جا نعرا لڳايا ويا ريلي ۾ قومي امن ڪاميٽي برائي بين المذاهب هم آهنگي جو مرڪزي چيئرمين سيد علي شاهه راشدي خصوصي طور شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن علي شاهه راشدي، پير بخش ڀٽي، سعدﷲ ڪورائي، شربت لغاري، اللهڏيوايو ڪلهوڙو جاويد لاشاري ۽ ٻين خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو مودي سرڪار ڪشمير مٿان ظلم جي انتها ڪري پيو جيڪا قابل مذمت آهي هنن چيو ته ڪشمير جي آزادي تائين اسان پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين ڪشميري ڀائرن ڀينرن کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيو ويندو هنن چيو ته پشاور سانحي تي جيترو افسوس ڪجي گهٽ آهي اهڙن واقعن کي روڪڻ اهم ضرورت آهي هاڻ پاڪستان ۾ هڪ دفعو ٻيهر ضرب عضب آپريشن جي ضرورت آهي ۽ اسان مطالبو پڻ ڪيون ٿا هنن چيو ته ڪشمير معاملي تي سياسي پارٽين جي خاموشي گهڻا سوال ڪري ٿي انهن جا جواب اڳواڻن کي ڏيڻ گهرجن هنن وڌيڪ چيو اقوام متحدہ کي گهرجي ته ڪشميري عوام مٿان ٿيندڙ ظلم ۽ بربريت تي نوٽيس وٺن ۽ کين فوري طور آزاد ڪرائڻ جو حڪم ڏين هنن وزيراعظم پاڪستان، چيف جسٽس آف پاڪستان، آرمي چيف آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته ڪشمير جي معاملي تي اقوام متحده سان رابطو ڪري آواز بلند ڪن ته جيئن ڪشمير مٿان مودي سرڪار جو ظلم بند ٿي سگهي جڏهن ته ريلي ۾ قومي امن ڪاميٽي ضلع گهوٽڪي جي اڳواڻن قادر بخش نائچ، ذوالفقار ڪورائي، ذوالفقار مهر، عبدالخالق ڪورائي، خالد حسین شیخ، سيد آفتاب حسين شاهه، اصغر علي لاڙڪ، انور نائچ، وسند ڪمار، نثار احمد شيخ، سعيد چانڊيو، سهراب جتوئي سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، صحافين توڙي شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

پهنجو تبصرو موڪليو