ڪشمور ۽ نوابشاهه ۾ ضرورتمندن ۾ ڪپڙا ۽ راشن تقسيم

ڪشمور/ سڪرنڊ (نمائندن وٽان)هڪ پاسي ملڪ ۾ مهانگائي وڌي رهي آهي ۽ غربت سبب خودڪشين جون خبرون به اچي رهيون آهن، اهڙي ماحول ۾ ڪجهه خدا ترس فرد توڙي تنظيمون غريبن جي مدد لاءِ پڻ سرگرم آهن. ڪشمور مان جي ايم کوسو موجب سٽيزن ويلفيئر شھري ايڪشن ڪاميٽي طرفان روشن تارا اسڪول ۾ 800 کان وڌيڪ غريبن ۾ مفت راشن ۽ ڪپڙا ورھائڻ جي تقريب ٿي. جڏهن ته نوابشاهه ۾ ڀٽي ويلفيئر پاران ڪجهه مسڪين ماڻهن ۾ نوان ڪپڙا، راشن ۽ ٻيو سامان ورهايو ويو آهي. خبر موجب 20 هين روزي تي ڪشمور جي سٽيزن ويلفئير ايڪشن ڪاميٽي ڪشمور طرفان غريبن ۾ مفت راشن ۽ ڪپڙاورھاياويا. ان موقعي تي خاص مھمان مختيارڪار ڪشمور هو. ڊي ايس پي لعل بخش ڏھر، ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين غلام رباني منگي، افضل عطا ڪلوڙ، علي مراد چاچڙ ۽ ٻيا به موجود ھئا، جن چيو ته غريبن جي مدد ڪرڻ خدائي خدمت آهي تنظيم جي پوري ٽيم شاباس جي لائق آهي. هنن شهر جي سرندي وارن ۽ مخير حضرات جي مدد ۽ تعاون تي سندن شڪريو به ادا ڪيو. ٻئي پاسي نوابشاهه ۾ ڀٽي ويلفيئرايسوسيئيشن جي اڳواڻن واجد حيدر، شاھد ڀٽي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته غريب ۽ مسڪين ماڻھن جي خدمت ڪرڻ عبادت آھي ۽ اسان جي انهيءَ ڪم جو مقصد پورهيتن کي عيد جي خوشي ۾ پاڻ سان گڏ شريڪ ڪرڻ چاهيون ٿا. هنن چيو ته صاحب حيثيت ماڻهن کي گهرجي ته اهي به اڳتي اچن ۽ ساٿ ڏين ته جيئن ڪوبه غريب عيد جي خوشين کان محروم نه رهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو