ڪشمور مان امن جو پکي وري اڏامي ويو،ٻهه پوليس اهلڪار اغوا

ڪشمور مان امن جو پکي وري اڏامي ويو،ٻهه پوليس اهلڪار اغوا

غوثپور (عبدالنبي ملڪ) ضلعي ڪشمور مان امن جو پکي وري اڏامي ويو۔ غوثپور ڀرسان دراني مھر ٿاڻي جي حد ددڙ واري علائقي ۾ پوليس پڪٽ تي ڏھ کان وڌيڪ اڻ ڄاتل ھٿياربندن ڪاھ ڪري چوڪي تي موجود ٻن پوليس اھلڪارن عبدالغفار وسطڙو ۽ سجاد جکراڻي کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي هٿيارن سميت اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا آهن۔ واقعي جي اطلاع ملڻ بعد ڪشمور ضلعي جي پوليس اي پي سي ۽ بڪتر بند گاڏيون ساڻ ڪري پوليس جا وڏا اٽالا دراني مهر واري علائقي ڏانهن روانا ٿي ويا آهن۔ آخري اطلاعن تائين ڪشمور ضلعي جي پوليس پنهنجي پوليس اهلڪارن کي ڏوھارين جي چنبي مان بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويئي آهي۔ نه ئي وري پوليس گهربل جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ آڻي سگهي آهي۔ واضع رهي ته اڄوڪي ڏينهن ۾ هٿيار بندن پاران ٻن پوليس اهلڪارن سميت 4 ڄڻن کي اغوا ڪري ويا هئا جن مان ٻن ڄڻن کي پوليس ۽ ڳوٺاڻن مزاحمت ڪندي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو هو جڏهن ته ٻن پوليس اهلڪارن کي هٿيار بند هٿيارن سميت اغوا ڪري ڪچي طرف فائرنگ ڪندا آساني سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو