ڪشمور (رپورٽ جي ايم کوسو) ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڪشمور جي صدر سبحان کوسو جي ڀاءُ ۽ سنڌ جنرلسٽ ڪائونسل ڪشمور جي سينيئر نائب صدر جاويد کوسو مٿان پريس ڪلب ٻاهران ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف ڪشمور ۾ صحافين سول سوسائٽي ۽ مختلف سياسي. سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي سينيئر صحافي ڪرپال ڪيسواڻي جي ايم کوسو جيئرام داس بجاج حاجي گلزار مغل ايل بي بجاج محمد شريف ڄامڙو, راڻا غفار علي احسان الاهي ڄامڙو ڄام اصغر چاچڙ , غلام حيدر پيرزادو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته حق ۽ سچ جو آواز بڻيل صحافين مٿان حملا ڪيا پيا وڃن سموري ملڪ ۾ صحافين کي مختلف طريقن سان ھيسايو پيو وڃي اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪشمور جي سينيئر صحافي جاويد کوسي مٿان نامعلوم هٿياربندن پاران قاتلاڻو حملو ڪيو ويو آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي احتجاج ڪندڙن سنڌ جي جي وڏي وزير آئي جي پوليس سنڌ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور کان گهر ڪئي آهي ته سينيئر صحافي جاويد کوسي مٿان قاتلاڻو حملو ڪندڙ جوابدار ترت گرفتار ڪيا وڃن










