ڪرڪيٽ ۽ فلمون قومن کي متحد ڪن ٿيون: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڪرڪيٽ ۽ فلمون قومون پاڻ ۾ ڳنڍين ٿيون، پاڪستان ۾ ڪو به اهڙو ماڻهو ناهي جنهن کي ڪرڪيٽ سان پيار نه هجي، هوءَ ننڍپڻ ۾ ڪرڪيٽ ۽ هاڪي ڏسندي هئي. پاڪ انگلينڊ ٽيسٽ سيريز تي جيو نيوز سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته هڪ ٽيم جي پاڪستان اچڻ سان ٻين ٽيمن لاءِ دروازا کلي ويندا آهن. مريم اورنگزيب چيو ته ڪپتان بين اسٽوڪس جا ٿورائتا آهيون جنهن ٻوڏ متاثرن لاءِ فيس عطئي ڪئي، وزيراعظم سندس جذبي کي ساراهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ جيڪو سٺو کيڏندو سو کٽيندو. وفاقي وزير چيو ته عالمي ٽيمن جو پاڪستان دورو اسان جي ڪرڪيٽ لاءِ فائديمند آهي، انگلينڊ جو 17 سالن کانپوءِ پاڪستان اچڻ تاريخي آهي، عوام ۾ جوش نظر اچي رهيو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته 17 سالن کانپوءِ انگلينڊ جي ميزباني پاڪستاني قوم لاءِ اعزاز آهي، ڪرڪيٽ پاڪستان جي ثقافت جو حصو آهي.هن چيو ته ملڪ ۾ ڪڏهن ڪڏهن نفرت به ايندي آهي پر ڪرڪيٽ ماحول بدلائي ڇڏيندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو