ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو وڏو اپ سيٽ، آسٽريليا سپرايٽ مان ٻاهر

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو وڏو اپ سيٽ، آسٽريليا سپرايٽ مان ٻاهر

ڪينڊي(ويب ڊيسڪ)ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو 32هون ميچ، جيڪو زمبابوي ۽ آئرلينڊ وچ ۾ شيڊيول هو، برسات سبب رد ٿي ويو، جنهن ڪري زمبابوي هڪ پوائنٽ حاصل ڪري سپر 8 مرحلي ۾ پهچي ويو، جڏهن ته آسٽريليا ورلڊ ڪپ جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي ويو. ٽي ٽوئنٽي جي 10 هين ايڊيشن ۾ هي ٻيو ڀيرو آهي جو آسٽريليا پهرين مرحلي ۾ ئي آئوٽ ٿي ويو آهي. پهريون ڀيرو رڪي پونٽنگ جي قيادت ۾2009 ۾ به هو گروپجمان ڪواليفاءِ نه ڪري سگهيو هو.
زمبابوي ۽ آئرلينڊ جو ميچ پاليڪيلي ۾ کيڏڻو هو، پر برسات سبب ميچ منسوخ ڪيو ويو ۽ ٻنهي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائنٽ ڏنو ويو.
زمبابوي کي سپر 8 مرحلي ۾ پهچڻ لاءِ رڳو هڪ پوائنٽ جي ضرورت هئي ۽ هاڻي گروپ بي ۾ ٽن ميچن کان پوءِ ان جا 5 پوائنٽ ٿي ويا آهن.
گروپ بي ۾ آسٽريليا ٽيم ٽن ميچن مان ٻن شڪستن کان پوءِ صرف 2 پوائنٽ حاصل ڪري سگهي، جنهن ڪري ڪينگروز ورلڊ ڪپ جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي ويا، ڇو ته سري لنڪا اڳ ئي گروپ بي مان سپر 8 ۾ پهچي چڪو آهي.
سريلنڪا گذريل ڏينهن آسٽريليا کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي ۽ ٽن ميچن کان پوءِ ان جا 6 پوائنٽ آهن.
ان کان اڳ زمبابوي وڏو اپ سيٽ ڪندي آسٽريليا کي 23 رنز تان شڪست ڏني هئي. اهو پهريون ڀيرو آهي ته زمبابوي سپر ايٽ لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو آهي ۽ آسٽريليا جهڙي ٽيم پهرين مرحلي ۾ آئوٽ ٿي وئي آهي. جيڪو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو وڏو اپ سيٽ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو