حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي اجلاس نظاماڻي ھائوس انڊس پھاڙي حيدرآباد ۾ اياز لطيف پليجو جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ ضلعي باڊيون ٽوڙي ھڪ مھيني لاءِ آرگنائيزر مقرر ڪيا ويا. مرڪزي ڪنوينشن ۽ عظيم مفڪر رسول بخش پليجو جي سالگراھ 20 جنوري تي حيدرآباد ملھائي ويندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ 25 آڪٽوبر تي سڄي سنڌ ۾ جيجي زرينہ بلوچ جي ورسي ملھائي ويندي. پھرين نمبر کان سڄي سنڌ ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ميمبر شپ شروع ڪئي ويندي. جڏھن 16 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي جلسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي ويندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ماھوار ضلعي تربيتي اسٽڊي سرڪل ھلايا ويندا. اجلاس کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ اسين چاھيون ٿا ته پاڪستان ترقي ڪري. ملڪ ترقي ڪري. سنڌ ترقي ڪري. حڪمرانن ڪرپشن ذريعي سمورن ادارن کي لولولنگڙو بنائي ڇڏيو آھي. ملڪ ۽ سنڌ ۾ قانون، انصاف، ترقي بدران ڪرپٽ ڪامورا مسلط ڪيا ويا آھن. جيڪي سنڌ ۾ ڪرپٽ وزيرن جا سھولتڪار آھن. سنڌ ۾ افغانين جي لوڌ آھي. لکين غير قانوني پرڏيھين کي واپس نٿو ڪيو وڃي. پاڪستان ۾ معاشي بحران اڃان وڌندو. نوجوان ھنر سکن، ڪراچي سميت وڏن شھرن ۾ وڃي روزگار ڪن. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ حڪومت ھٿرادو ٻوڏ ذريعي سنڌ کي ٻوڙي تباھ ڪري ڇڏيو آھي. ھزارين ڳوٺ اڃا به ٻڏا پيا آھن. حڪومت پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي. ٻوڏ جو پاڻي زمينن ۽ ڳوٺن م ٻن مهينن کان بيھڻ ڪري زھريلو ٿي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ خطرناڪ بيمارين جنم ورتو آهي. وڏي تعداد ۾ معصوم ٻار ۽ ماڻهو مري رهيا آهن، لکين ايڪڙن بيٺل فصل پاڻي هيٺ ھجڻ ڪري تباھ ٿي ويا آهن. وقت سر ڪڻڪ جي پوکائي نہ ٿيڻ ڪري ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي ويندي. حڪومت ڪوڙا بل ٺاھي اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي. ھنن کي عوام سان ڪا بہ ھمدردي ۽ دلچسپي ناهي. برسات ۽ ٻوڏ متاثرين لاءِ آيل امدادي سامان گدامن ۽ وزيرن، مشيرن، چونڊيل نمائندن جي اوطاقن تي لڪايو ويو آهي. ٻاھرين ملڪن مان آيل امدادي سامان متاثرين کي ڏيڻ بدران دڪانن تي کپايو پيو وڃي. اجلاس ۾ مظھر راھوجو، ڊاڪٽر گلزار جماڻي، منور جتوئي، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر،اشرف پليجو،زينت سمون، الطاف خاصخيلي، شوڪت تنيو مقصود سومرو، انور نوحاڻي، عنايت تنيو، ڪامريڊ غلام حسين سولنگي، نظير بليدي، اسلم سومرو، مجيد ٻگھيو، رسول بخش لغاري، زين سومرو ونود ميگھواڙ، ارشاد چنہ، صدام کوسو، عنايت تنيو، منان شيخ، سانول گوپانگ سميت سمورن مرڪزي ڪميٽي جي ميمبرن، ضلعي صدرن، محاذن جي صدرن ۽ جنرل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي.










