ڪرينا ڪپور جلد نيٽ فليڪس تي به نظر ايندي

ڪرينا ڪپور جلد نيٽ فليڪس تي به نظر ايندي

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور اعلان ڪيو آهي ته هو جلد ئي ڊجيٽل اسٽريمنگ پليٽ فارم نيٽ فلڪس تي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي. انسٽاگرام تي جاري ڪيل هڪ وڊيو ۾ ڪرينا ڪپور چيو ته هوءَ جلد مشهور جاپاني ناول تي ٻڌل فلم ”دي ڊيوشن آف سسپيٽ ايڪس“ ۾ پنهنجي صلاحيتون مڃرائيندي. ثيوا ڪامني ۽ اڪشي پوري جي پروڊڪشن واري هن فلم جو ڊائريڪٽر سوجوائي گهوش آهي. بالي ووڊ اداڪارا ان پروجيڪٽ لاءِ تمام گهڻي پرجوش آهي ۽ پنهنجي ٻئي پٽ جهانگير جي پيدائش کانپوءِ ٻيهر پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکارڻ لاءِ بيتاب آهي. ڪرينا چيو ته اها فلم جنهن ۾ بهترين ڪاسٽ آهي، اها مداحن لاءِ بهترين تفريح جو ذريعو هوندي. واضح رهي ته نه رڳو ڪرينا پر سندس مڙس سيف علي خان ۽ ڀيڻ ڪرشمه ڪپور به ڊجيٽل پليٽ فارم تي ڪپور ۽ خان خاندان جي مختلف پروجيڪٽس تي ڪم ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو