سڪرنڊ (رپورٽ راج ڪماراوڏ )عوامي ورڪرز پارٽي طرفان ڪئينيڊا ۾ اغوا بعد قتل ٿيل بي ايس او آزاد جي اڳوڻي چيئرمين ڪريما بلوچ سان انصاف لاء قاضي سرفراز احمد ميمڻ صحافي چوڪ سڪرنڊ تي ڪامريڊ فيض ڪيريو جاويد سولنگي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،ان موقعي تي احتجاج ۾ شريڪ جسقم اڳواڻ جيئمسٽ مسعود شاهه، مورڙو ميربحر، سنڌ اسٽوڊنٽ ڪائونسل اڳواڻ اسد کوسو، جي جي آر شيخ ۽ ٻين پڻ بلوچستان جي بهادر نياڻي ۽ قوم پرست اڳواڻ ڪريما بلوچ جي اغوا بعد مليل لاش واري سانحي جي اعلئ سطحي جانچ ۽ ڪئنيڊا حڪومت کان ملوث جوابدارن چاهي اهي ڪيترا به سگهارا ڇونه هجن کين بي نقاب ڪري سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي هنن وڌيڪ چيو ته هي هائي پروفائيل قتل ڪيس آهي ۽ ان جي غير منصفاڻي جاچ ۽ انصاف نه ٿيو ته ڪئنيڊا مٿان هڪ معصوم بلوچ نياڻي جي بي گناه رت جا نشان هميشه سواليه نشان بڻيل رهندا جيڪو ڪئنيڊين جي ساخ پڻ دنيا ۾ متاثر ڪندو،










