ڪروڙين روپيا ضايع، پيئڻ جي پاڻي لاءِ احتجاج جاري

ٺل(ن س) پيئڻ جي پاڻي جي اسڪيم جي بحالي لاءِ شهر واسين پاران شروع ڪيل احتجاجي مهم“ٺل گهري ٿو مٺو پاڻي”تيز ٿي وئي آهي،ٺل جي سياسي پارٽين ۽ نوجوانن پاڻي اسڪيم جي بحالي لاءِ احتجاج ڪيو ، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن“ٺل گهري ٿو مٺو پاڻي”ٿيندي هاڻ هڪ هڪاڻي ٺل گهري ٿو مٺو پاڻي، پاڻي اسان جو حق آهي توکان وڙهي به پاڻي وٺنداسون جهڙي نعريبازي ڪئي، ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن عرض بنگلاڻي،امدادالله بجاراڻي،جان محمد جعفري ،عبدالغفور ٻرڙو،غلام حسين ڪنڊراڻي ۽ ٻين چيو ته مٺي پاڻي جي اسڪيم کي ست سال گذرڻ باوجود مڪمل نه ڪيو ويو،اسان کارو ۽ زهريلو پاڻي پيئندي ڪيترن ئي مهلڪ بيمارين جي ورچڙهي ويا آهيون،حڪمرانو خدا جي واسطي اسان جي زندگين تي رحم ڪريو، اسان کي پيئڻ جي مٺو پاڻي ڏيو جيڪو اسان جو بنيادي حق آهي،هنن چيو ته 58 ڪروڙ روپيه خرچ ڪرڻ باوجود به اسان کي پاڻي جي سهولت فراهم نه ڪئي وئي آهي، ٻئي طرف اڄ جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي پاران پيئڻ جي پاڻي جي اسڪيم جي بحالي جي لاءِ احتجاج ڪندي پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي ۽ نوجوانن پاران سوشل ميڊيا ذريعي پاڻي اسڪيم جي بحالي لاءِ ٽرينڊ هلايو .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو