ڪرن سان طلاق هڪ ڇوڪريءَ جي چڪر ۾ ٿي هئي

ڪرن سان طلاق هڪ ڇوڪريءَ جي چڪر ۾ ٿي هئي

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان تازو ئي پنهنجي ٻئي زال ڪرن رائو کان طلاق بابت وضاحت ڪئي آهي. گذريل سال جولاءِ ۾ عامر خان ۽ ڪرن رائو هڪ گڏيل بيان ۾ پنهنجي شادي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن کانپوءِ ڀارتي ميڊيا ۾ خبرون گردش ڪرڻ لڳيون هيون ته عامر خان جلد ئي ٽئين شادي ڪندو. ڪجهه اخبارن ۾ اها به دعويٰ ڪئي وئي آهي ته عامر جي ڪرن کان طلاق جو سبب هڪ اداڪارا هئي. ان دوران عامر خان جو نالو به سندس فلم دنگل ۾ ڪم ڪندڙ اداڪاره فاطمه ثنا شيخ سان ڳنڍيو ويو، جڏهن ته ڀارتي ميڊيا اها به دعويٰ ڪئي هئي ته عامر ۽ ثنا فلم لال سنگهه چڊا جي رليز ٿيڻ کانپوءِ شادي ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو