ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ جي رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال جي ابتدائي 7 مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 72 سيڪڙو گهٽتائي بعد 2 ارب 65 ڪروڙ 40 لک ڊالر رهجي ويو آهي. جيڪو ان عرصي دوران گذريل مالي سال ۾ 9 ارب 47 ڪروڙ 90 لک ڊالر هو. هلندڙ سال اهو خسارو جي ڊي پي جو 1.6 سيڪڙو آهي جيڪو گذريل سال ان عرصي ۾ 5.5 سيڪڙو هو. ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي جو وڏو سبب امپورٽ ۾ گهٽتائي آهي. پوئين سال جي ڀيٽ ۾ ايڪسپورٽ تمام گهٽ وڏي آهي جيڪا 30 ڪروڙ 60 لک ڊالر آهي. اقتصادي ماهرن جو چوڻ آهي ته امپورٽ ۾ گهٽتائي جو مقصد اقتصادي ترقي جي شرح ۾ گهٽتائي آهي.










