ڪرم ۾ سرحد پار ڪندڙ12 خوارج ۽ افغان طالبان مارجي ويا

ڪرم ۾ سرحد پار ڪندڙ12 خوارج ۽ افغان طالبان مارجي ويا

ڪرم(ويب ڊيسڪ)پاڪ-افغان سرحد تي پاڪستان اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 12 خوارج ۽ افغان طالبان کي ماريو ويو.
پاڪ فوج جي شعبي تعلقات عامه (آءِ ايس پي آر) موجب، ڪرم ۾ پاڪ-افغان سرحد تي پاڪستان اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ هڪ گروهه جي چرپر جو پتو لڳايو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، گهڙي اچڻ جي ڪوشش ڪندڙ خوارج جي مدد لاءِ افغان طالبان جي چوڪين تان پڻ فائرنگ ڪئي وئي. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران نائب صوبيدار هدايت امان شهادت ماڻي.
شهيد نائب صوبيدار هدايت امان جي عمر 40 سال هئي ۽ سندس تعلق ضلعي غذر سان هو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته هي واقعو پاڪستان جي ان موقف جي تصديق ڪري ٿو ته افغانستان جي سرزمين کي دهشتگرد تنظيمن جي استعمال کان روڪڻ ۾ ناڪامي ٿي رهي آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، افغان طالبان حڪومت سرحد پار دهشتگردي روڪڻ بدران ان کي سهولت فراهم ڪري رهي آهي ۽ دهشتگردن جي سرپرستي ڪري رهي آهي. افغان طالبان حڪومت دهشتگرديءَ جي خاتمي بابت پنهنجون عالمي ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته علائقي ۾ موجود ڀارت جي سرپرستيءَ هيٺ سرگرم ٻين خوارج جي خاتمي لاءِ پڻ علائقي کي صاف ڪرڻ جي ڪارروائي ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي دهشتگرديءَ خلاف مهم جاري رهندي. ٻاهرين سرپرستي ۽ مدد سان ٿيندڙ دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ ڪارروايون جاري رکيون وينديون.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بهادر فوجين جون قربانيون ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ڪرڻ واري عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو