اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۾ به مڪاني چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون

اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۾ به مڪاني چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون

اسلام آباد( بيورو) اليڪشن ڪميشن برسات سبب حيدرآباد بعد ڪراچي ۾ رٿيل 28 آگسٽ واريون مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. گذريل ڏينهن حيدرآباد ۾ چونڊ ملتوي ڪئي وئي هئي. ڪراچي ۾ برسات بابت اليڪشن ڪميشن 6 اهم ادارن کان فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي هئي جن جي روشني ۾ اڄ اهڙو فيصلو ڪيو ويو. ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جي هيڊ آفيس اسلام آباد ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي جي موسمي صورتحال ۽ مڪاني چونڊن جي معاملن جو جائزو ورتو ويو.ذريعن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر ڪراچي ۾ 28 آگسٽ تي مڪاني چونڊون ڪرائڻ بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي هدايت ڪئي آهي ته 6 اهم ادارن کان فوري رپورٽ طلب ڪئي وڃي.ذريعن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر گهرو سيڪريٽري، چيف سيڪريٽري، آءِ جي ۽ ڊي جي رينجرز کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.ان کان علاوه صوبائي اليڪشن ڪمشنر ۽ موسميات کاتي کان رپورٽ طلب ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ شهر ۾ موسم جي صورتحال بابت آگاهي ڏني وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج، رينجرز، پوليس ۽ ٻيا ادارا سنڌ جي ٻهراڙين ۾ امدادي ڪمن ۾ مصروف آهن، جنهن سبب پولنگ دوران ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪم متاثر ٿيڻ جي صورت ۾ سيڪيورٽي ادارن کان رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو