ڪراچي ۾ اين او سي کانسواءِ تعمير ٿيندڙ 23 وڏا رهائشي منصوبا سيل ڪيا ويا آهن. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) موجب اين او سي کانسواءِ تعميراتي ڪم ڪندڙ 23 رهائشي منصوبن جون آفيسون سيل ڪيون ويون آهن. ايس بي سي اي عوام کي هدايت ڪئي آهي ته هو انهن منصوبن ۾ سيڙپڪاري نه ڪن، ٻي صورت ۾ هو پنهنجي نقصان جا پاڻ ذميوار هوندا.











