ڪوئلي مان توانائي حاصل ڪري اربين ڊالر بچائي سگهجن ٿا:وزيراعظم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم شهباز شريف 1100 ميگاواٽ پاور پروجيڪٽ جي ٽئين مرحلي جو افتتاح ڪري ڇڏيو.وزيراعظم شهباز شريف ڪيپ ۾ 1100 ميگا واٽ جي ايٽمي پاور منصوبي جو افتتاح ڪيو، افتتاحي تقريب ۾ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، توانائي وارو وزير خرم دستگير خان ۽ منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال پڻ موجود هئا.ائٽمي پاور پلانٽ 3 جي افتتاح سان بجلي جي پيداوار 2200 ميگا واٽ تائين پهچي ويندي. ڪي 3 پاور پلانٽ منصوبي مان سستي بجلي پيدا ٿي رهي آهي، ڪي 3 مان 12 رپيا في يونٽ بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي.وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان هائيڊل پاور مان 60 هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.ايٽمي پاور پلانٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪوئلي مان توانائي حاصل ڪري اربين ڊالر بچائي سگهجن ٿا، ٿر جو ڪوئلو سئو سالن تائين پاڪستان جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.هن چيو ته پاڪستان 27 ارب ڊالرن جو تيل درآمد ڪري رهيو آهي، اربين ڊالرن جو تيل درآمد ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم آهي، پاڪستان کي سستو ٻارڻ جي ضرورت آهي، شمسي توانائي بجلي جي ضرورت پوري ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.هن چيو ته نواز شريف جي دور حڪومت ۾ هن منصوبي کي حتمي شڪل ڏني وئي هئي، ان منصوبي مان 1100 ميگاواٽ ايٽمي توانائي حاصل ڪري سگهجي ٿي، اميد آهي ته دوست ملڪ چين في ميگا واٽ جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪندو، ديامير ڀاشا ۽ داسو ڊيم جي مڪمل ٿيڻ ۾ 5 سال تائين وقت لڳي سگهي ٿو،هن وڌيڪ چيو ته چين ۽ پاڪستان بهترين دوست آهن، پاڪستان ۽ چين جي دوستي 75 سالن ۾ وڌيڪ مضبوط ٿي آهي، چين جنگ ۽ امن ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، سي پيڪ منصوبو نواز شريف جي دور ۾ ٿيو هو، سي پيڪ منصوبي مان هزارين ميگا واٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ ڪجهه مشڪلاتون هيون ۽ ڪجهه پاڻ ٺاهيون ويون، سي پيڪ ماضي جي مشڪلاتن سبب دير جو شڪار ٿيو، پوري اميد آهي ته سي پيڪ منصوبا پاڪ چين لاڳاپن سان اڳتي وڌندا.هن چيو ته پاڪستان اربين ڊالرن جي ٻارڻ جي درآمد ۾ بچت ڪري اڳتي وڌي سگهي ٿو، پاڪستان هائيڊل پاور مان 60 هزار ميگا واٽ پيداواري صلاحيت رکي ٿو، ايندڙ منصوبن لاءِ چين سان گڏجي اڳتي وڌندو.

پهنجو تبصرو موڪليو