ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 2 سيڪڙو کان وڌي وئي

ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 2 سيڪڙو کان وڌي وئي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي مثبت ڪيسن جي شرح 2.25 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي.صحت کاتي جي ترجمان موجب ڪراچي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 9 هزار 293 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن کانپوءِ 209 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي. صحت کاتي جي ترجمان موجب حيدرآباد ۾ ڪورونا وائرس جي مثبت شرح 4.67 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. ٻئي طرف سنڌ ۾ ڪورونا ڪيسن جي مجموعي شرح 2.43 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته صوبي ۾ 10 هزار 802 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 264 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو