ڪراچي ۾ ڪورونا جي شرح 21 سيڪڙو کان وڌي وئي

ڪراچي ۾ ڪورونا جي شرح 21 سيڪڙو کان وڌي وئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي ۽ صوبي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيس ڪراچي ۾ رڪارڊ ڪيا ويا.صحت کاتي جي ترجمان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سنڌ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 7.64 سيڪڙو رهي جڏهن ته ڪراچي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 949 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 206 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي. ۽ شرح هئي 21.71 سيڪڙو آهي صحت کاتي موجب حيدرآباد ۾ ڪورونا جا 47 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 4 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي، اهڙي ريت شهر ۾ شرح 8.5 سيڪڙو رهي.ٻئي طرف اسلام آباد ۾ ڪورونا جي شرح 3.45 سيڪڙو، پشاور ۾ 3، لاهور ۾ 2.82 سيڪڙو، راولپنڊي ۾ 1.64 سيڪڙو، گجرات ۾ 1.82 سيڪڙو ۽ مردان ۾ 8.77 سيڪڙو رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو