ڪراچي ۾ ڪرونا ڪيسن ۾ واڌ، شرح سڀ کان وڌيڪ

ڪراچي ۾ ڪرونا ڪيسن ۾ واڌ، شرح سڀ کان وڌيڪ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته وڏن شهرن ۾ ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح سڀ کان وڌيڪ آهي.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 13 هزار 941 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 309 ڄڻن ۾ متاثر ٿيڻ جي تصديق ٿي. اين آءِ ايڇ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 2.22 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب ڪو به فوتگي ناهي ٿيو، جڏهن ته 80 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ٻئي طرف سنڌ ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ وڌي رهيو آهي جتي گذريل 24 ڪلاڪن دوران مجموعي شرح 6.10 سيڪڙو ٿي وئي آهي جڏهن ته ملڪ جي وڏن شهرن ۾ ڪورونا جي شرح سڀ کان وڌيڪ آهي. ڪراچي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 15.85 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو