ڪراچي ۾ ڦر ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتن ۾ ملوث 3 ڏوهاري گرفتار

ڪراچي ۾ ڦر ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتن ۾ ملوث 3 ڏوهاري گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڦر ۽ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث 3 ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا شروعاتي جاچ ۾ جوابدار ڪيترن ئي وارداتن جو اعتراف ڪيو آهي تفصيل موجب ڪراچي ۾ رينجرز ۽ پوليس بلديه ٽآئون ۾ گڏيل ڪارروائي ڪندي ڦر ۽ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث ٽن ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو ترجمان ٻڌايو ته ڏوهارين وٽان ٻه پسٽل، هڪ موٽر سائيڪل ۽ موبائيل فونز به هٿ آيو ڏوهارين ۾ مک نورمحمد، حماد احمد ۽ محمد اسد شامل آهن جوابدار ڪيترن ئي ڏوهن ۽ ڦر ڪيل موبائيل فون جو آئي اي ايم آئي نمبر تبديل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي جوابدارن 19 مئي 2023 تي مدينه ڪالوني بلديه ٽائون ۾ ڦر ڪئي ڦر ڏوران مزاحمت تي گلزار حسين نالي شهري تي گولي هڻي زخمي ڪيو ويو ۽ جوابدار شهري کان اڍائي لک رپيا ۽ ٻه موبائيل فون کسي فرار ٿيا جوابدارن جي خلاف پيرآباد ٿاڻي ۽ مدينه ڪالوني ۾ ايف آئي آر داخل آهي جوابدارن جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن گرفتار جوابدارن کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس جي حوالي ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو