ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي سرجاني ٽائون ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي واقعي دوران جوابدارن جي فائرنگ ۾ هڪ شهري مارجي ويو جڏهن ته سندس ٻه پٽ زخمي ٿي پيا.سرجاني ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ او ياسين گجر موجب سرجاني ٽائون سيڪٽر 7 اي ۾ ٻه ڀائر ذيشان ۽ نعمان پنهنجي گهر ٻاهران ويٺا هئا ته ٻن هٿياربندن کين يرغمال بڻائي ڦرلٽ شروع ڪري ڏني.پوليس موجب ان دوران سندس پيءُ سليم به گهر کان ٻاهر نڪتو ته جوابدارن خطري جو احساس ڪندي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن سبب ذيشان، سندس ڀاءُ نعمان ۽ پيءُ سليم سخت زخمي ٿي پيا، جڏهن ته فائرنگ دوران ماڻهن ڌاڙيلن کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته شهرين جي تشدد ۽ پٿراءُ سبب 2 جوابدار موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته زخمين کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.ڊاڪٽرن موجب سليم جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.










