ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ تي اليڪٽرڪ عملدارن جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو. ڪراچي ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ پرتشدد احتجاج کانپوءِ سنڌ حڪومت لي شهرين جو خيال اچي ويو سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ اڄ اليڪٽرڪ عملدارن جو اجلاس طلب ڪري ورتو، جنهن ۾ لوڊشيڊنگ ۽ ان جي مدي سميت ٻيا تفصيل پڇيا ويندا. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ طرفان ڊگهي لوڊشيڊنگ ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال پيدا ڪري رهي آهي، شهر ۾ بجلي جي وڌندڙ بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪي اليڪٽرڪ سان ڳالهايو وڃي. ڪي اليڪٽرڪ پنهنجو نظام درست ڪري، شهر ۾ بجلي جو بحران فوري طور تي ختم ڪيو وڃي.










