ڪراچي ۾ ڊينگي جي ڪيسن ۾ مسلسل واڌ

ڪراچي ۾ ڊينگي جي ڪيسن ۾ مسلسل واڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڊينگي جي ڪيسن ۾ مسلسل واڌ ٿيندي پئي وڃي. اختيارين موجب گذريل 7 ڏينهن دوران شهر ۾ ڊينگي جا 23 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته هلندڙ سال ڪراچي ۾ 420 ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن. اختيارين ٻڌايو ته سنڌ ۾ هلندڙ سال ڊينگي جا 489 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جن مان ٻه مريض لاڏاڻو ڪري ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو