ڪراچي  ۾ پائيپ لائين مان تيل چوري جو ٽيون ڪيس پڪڙجي ويو

ڪراچي ۾ پائيپ لائين مان تيل چوري جو ٽيون ڪيس پڪڙجي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ سرڪاري پائيپ لائين مان تيل چوري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته سرڪاري پائيپ لائين مان تيل چوري ڪندڙ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.پوليس موجب شريف گوڙ پوليس جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، جوابدار تيل چوري ڪرڻ لاءِ 166 فٽ ڊگھي سرنگ ٺاهي هئي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ملڪ کي سپلائي ڪندڙ خام تيل جي لائن ۾ دھاندلي ڪئي وئي.پوليس موجب ملير ضلعي مان ٻن مهينن دوران سرڪاري تيل چوري جو ٽيون ڪيس پڪڙيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو