ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪلفٽن ۾ ٻوڏ متاثر ٻارڙي کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو.ذريعن موجب ٻارڙي سان زيادتي جو واقعو ٻه ڏينهن اڳ ڪلفٽن جي بلاڪ 4 ۾ پيش آيو جنهن کانپوءِ ٻارڙي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس علاج هلندڙ آهي.پوليس سرجن ٻارڙي سان اجتمائي زيادتي جو تصديق ڪندي چيو ته ٻارڙي جو مڪمل طبي معائنو ڪيو ويو آهي، جنهن جي عمر 8 کان 9 سالن جي لڳ ڀڳ آهي، طبي معائني سان ٻارڙي کي اجتماعي زيادتي جي تصديق ٿي آهي.پوليس سرجن موجب هي ٻارڙي ڪراچي ۾ لڳايل ٻوڏ متاثر ڪئمپ ۾ ترسيل هئي.










