ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي اسڪيم 33 سچل ڳڙهه ۾ موٽرسائيڪل لفٽرن ۽ ڦورن ۾ مقابلو، 3 زخمي ٿيل چورن سميت 4 جوابدار گرفتار ڪيا ويا،پوليس موجب اسڪيم 33 سچل ڳوٺ ۾ اي وي ايل سي موٽرسائيڪل لفٽرز سان مبينا مقابلي بعد ٻن موٽرسائيڪل لفٽرن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته اي وي ايل سي ٽيم موٽرسائيڪل سوار جوابدارن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو ته جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، جوابدارن جي قبضي مان چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي، گرفتار جوابدارن ۾ راغب ۽ شاهه رخ شامل آهن. پوليس موجب سهراب گوڙ الآصف اسڪوائر وٽ ڌاڙيلن سان مبينا مقابلو، هڪ زخمي سميت 2 ڌاڙيلن کي گرفتار ڪيو ويو. گرفتار جوابدارن ۾ آصف گل ۽ رفيع الله شامل آهن، گرفتار جوابدارن جي قبضي مان هٿيار ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي.










