ٽنڊو محمد خان (ن س)ٽنڊو محمد خان ۾ جيئي سنڌ محاذ ( رياض چانڊيو گروپ ) ۽ قومپرست عوامي اتحاد پاران ڪراچي جي مڇر ڪالوني ۾ سنڌ جي 2 ڳڀرو نوجوانن ٺٺي جي سينئير صحافي جاويد سعيد جي پٽ ايمن سعيد ۽ نوشھرو فيروز جي رھواسي اسحاق پنھور کي سخت تشدد ڪري بيدردي سان قتل ڪرڻ واري واقعي خلاف پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ويئي ، ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ زاهد جسڪاڻي ، قومپرست عوامي اتحاد جي صدر جمن ملاح ، منور سومرو ۽ ٻين چيو ته ڪراچي ۾ شھيد ٿيندڙ ٻن سنڌي ڳڀرو نوجوانن کي بيگناھ سخت تشدد بعد شھيد ڪيو ويو آھي جيڪا سنڌ ڌرتي تي سنڌي ماڻهن سان سخت ناانصافي آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي گهٽ آهي ، هنن سنڌ حڪومت ۽ ڪراچي پوليس کان گھر ڪئي ته واقعي جي شفاف انڪوائري ڪرائي ملوث جوابدارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي ۽ وڌيڪ اھڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ عملي قدم کنيا وڃن .










