ڪراچي ۾ صحافي تي حملو، گاڏي ڇڏي جان بچائي

ڪراچي ( رپورٽ باغي ساگر پنھوار ) مھراڻ ٽي وي جو سينئر صحافي قمر ميمڻ پنهنجي گھر وڃي رهيو هو ته رستي ۾ ھڪ ڪار واري اور ٽيڪ ڪري گار گند ڪرڻ کانپوء صحافي کي ڪار مان لاھي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ته صحافي اڻ ڄاتل ھٿياربندن جي اھڙي عمل کي ڏسندي پنهنجي ڪار ڇڏي  ڀڄي نڪتو. ھٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن بعد صحافي معجزاڻي طور بچي ويو. حملا آورن ڏنڊن سان ڪار جا شيشا ڀڳا. اھڙي عمل خلاف ڪراچي جي صحافين پاران سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي جڏهن ته اھڙي واقعي جي رپورٽ ڪلفٽن جي  بوٽ بيسن ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي آهي. صحافين سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو