ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي سڀاڻي کان شهر ۾ گرمي جي شدت ۾ واڌ ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ هيٽ ويوز جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.موسميات کاتي موجب سڀاڻي ڪراچي جي گرمي پد ۾ 4 کان 5 ڊگري تائين واڌ جو امڪان آهي جنهن سبب گرمي پد 36 کان 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو.ان حوالي سان موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته 30 مارچ کان پوءِ گرمي پد 39 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو ۽ هيٽ ويوز اچڻ جا به امڪان رهندا.جڏهن ته مغربي سسٽم رخصت ٿيڻ سبب هوائن جو رخ تبديل ٿيندو ۽ ڪراچي ۾ شامل مغرب کان خشڪ ۽ گرم هوائون هلنديون. موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ مارچ مهيني دوران گرمي پد 32.4 ڊگري رهيو آهي.










