ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)شهر جي مختلف علائقن ۾ سي ٽي ڊي سرچ آپريشن ڪري 4 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.پوليس جي اينٽي ٽيررازم سيل ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن دوران شڪي ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي، انهن کان اليڪٽرونڪ ڊيوائسز ذريعي ڄاڻ به چيڪ ڪئي وئي.سي ٽي ڊي ترجمان موجب ملير ضلعي جي بن قاسم ٿاڻي جي حد اسٽيل ٽائون ۽ ثمر گوڙ ۽ علي جان گوڙ ۾ سي ٽي ڊي سوات ٽيم ۽ تجربيڪار سي ٽي ڊي اهلڪارن جي نگراني ۾ شهر جي مختلف علائقن ۾ ڄاڻ تي ٻڌل آپريشن ڪيو ويو.ترجمان جو چوڻ هو ته سرچ ايپ ذريعي علائقي ۾ شڪي ماڻهن جو رڪارڊ چيڪ ڪيو ويو ۽ گهر گهر تلاشي دوران 48 شڪي ماڻهن کي چيڪ ڪيو ويو، جڏهن ته 4 شڪي ماڻهن ۽ هڪ شڪي گاڏي کي تصديق لاءِ لاڳاپيل ٿاڻي جي حوالي ڪيو ويو. .










