ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سياري جي سرد هوائن جي ڪري سردي ۾ اضافو شهر جو گرمي پد گهٽجي ويو.موسميات کاتي موجب شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 8.2 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 8 ۽ 10 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هوا ۾ نمي 41 سيڪڙو رهي ۽ 18 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان شمال مشرقي هوائون هلي رهيون آهن جڏهن ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي موسم صاف ۽ سرد رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.










