ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جيل چورنگي ڀرسان رهائشي عمارت ۾ واقع سپر اسٽور جي گودام ۾ باهه لڳي وئي. ريسڪيو عملدارن موجب سپر اسٽور جيل چورنگي تي 15 ماڙ رهائشي عمارت جي گرائونڊ ۽ فرسٽ فلور تي واقع آهي جڏهن ته اسٽور جو گودام عمارت جي بيسمينٽ ۾ آهي. ذريعن موجب باهه عمارت جي بيسمينٽ ۾ لڳي ۽ ٻين هنڌن تائين پکڙجي وئي، جڏهن ته باهه لڳڻ جو سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي. فائر برگيڊ عملدارن جو چوڻ آهي ته دڪان جي بيسمينٽ ۾ باهه وسائڻ لاءِ ٻه فائر ٽينڊر استعمال ڪيا پيا وڃن. ريسڪيو اهلڪارن جو چوڻ آهي ته عمارت ۽ سپر مارڪيٽ اندر موجود سمورن ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي ۽ ڪو به زخمي يا بي هوش نه ٿيو آهي. ٻئي طرف پوليس، رينجرز ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ عوام کي سپر مارڪيٽ ويجهو اچڻ کان روڪيو.










