ڪراچي ۾ رمضان المبارڪ دوران ڦر جي وارداتن ۾ اضافو

ڪراچي ۾ رمضان المبارڪ دوران ڦر جي وارداتن ۾ اضافو

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ رمضان المبارڪ دوران چوري جي وارداتن ۾ اضافو ٿيو آهي.ڪراچي جي علائقي فيڊرل بي ايريا بلاڪ 16 ۾ موٽرسائيڪل سوار جوابدار ٻن دڪانن کي ڦر ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، هڪ جوابدار هڪ سلينڊر جي دڪان کي ڦري ورتو جڏهن ته ٻئي هڪ ئي وقت ڊينٽر جي ورڪشاپ کي ڦري ويا.ڦر جي وڊيو به منظر عام تي اچي وئي آهي، جنهن ۾ جوابدارن جا منهن صاف ڏسي سگهجن ٿا پر ان باوجود جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.ٻئي طرف سرجاني ٽائون ۾ مبينا چوري دوران مزاحمت تي نوجوان مارجي ويو، جڏهن ته ماڙي پور ٽرڪ بيس وٽ ڦر دوران مزاحمت تي هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

پهنجو تبصرو موڪليو